تحفة الڪرام (ڪتاب)

تحفة الڪرام (ڪتاب)

پنج گنج (ڪتاب)

پنج گنج (ڪتاب)

شاهه سچل سامي (ڪتاب)

شاهه سچل سامي (ڪتاب)

ٽي عظيم شاعر

ٽي عظيم شاعر

سڪڻ سيکاريوم (ڪتاب)

سڪڻ سيکاريوم (ڪتاب)

لطيفي لهرون

لطيفي لهرون

زندگيءَ جو سفر

زندگيءَ جو سفر

شاهه لطيف جو ذڪر مختلف ڪتابن ماخذن ۾

مختلف ڪتابن/ ماخذن ۾ شاهه لطيف جو ذڪر:
سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون [انگريزي]: رچرڊ برٽن [1871ع]: هن ڪتاب ۾ به شاهه لطيف جو تذڪرو موجود آهي. هن ڪتاب جو ننڍي ۾ ننڍو ترجمو محمد حنيف صديقيءَ ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرايل آهي.
سِگما عِرف ‘سنڌ بابت ٻه ڳالهيون’ (Something about Sindh): ديوان ڏيارام گدو مل [1882ع]: هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي سوانح بابت 40 صفحا آهن.
لطائف لطيفي (فارسي): مير عبدالحسين ‘سانگي’ [1887ع]: هي ڪتاب مڪمل طور شاهه لطيف بابت فارسيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر مولوي عبدالرسول قادريءَ ڪيو آهي. ڪتاب بابت تفصيل ’شاهه تي تحقيق‘ واري ذڪر هيٺ ڏنو ويو آهي.
شاهه لطيف جي زندگي، مذهب ۽ شاعري [انگريزي]، ليلارام وطڻ مل لالواڻي [1889ع]: تفصيلي احوال ’شاهه تي تحقيق‘ واري ذڪر هيٺ ڏنل آهي.
احوال شاهه لطيف ڀٽائي: مرزا قليچ بيگ [1897ع]: مرزا قليچ بيگ، هيءُ ڪتاب پهرين 1877ع ۾ انگريزيءَ ۾ لکيو، پوءِ ان جو ترجمو سنڌيءَ ۾ 1897ع ۾ سڌاري ڇپايو. (هنن ڪتابن جو تفصيلي ذڪر اڳتي ايندو.)
مرغوب الاحباب (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نظر علي بلوچ 1945ع ڌاري تاليف ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ مشهور بزرگ سلطان الاوليا محمد زمان لنواريءَ واري ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ملاقات بابت تذڪرو آيل آهي.
شاهه، سچل، سامي (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب ۽ لطيف جي شارح ڪلياڻ آڏواڻيءَ، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ٽمورتيءَ- شاهه، سچل، ساميءَ- تي ڌار ڌار ٽي ننڍا ڪتاب لکيا هئا. جن مان پهرئين ڪتاب ’شاهه‘ جو ڳچ حصو مضمونن جي صورت ۾ ’سنڌو‘، ’لطيف ٻاري‘، ’ڦليلي‘، ’لهرون‘ ۽ ڪن ٻين ادبي مخزنن ۾ ڇپجي چڪو هو، نظرثانيءَ بعد ان کي نئين ترتيب ڏئي، ڪتابي صورت ۾ 1951ع ۾ مشهور تاريخدان چيتن ماڙيوالا، هندستان مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي حياتيءَ جو احوال، شاهه صاحب جي صورت، رهڻي ڪهڻي، مذهب، شاهه جو شعر ۽ شاعري، شاهه صاحب جي ناٽڪي طرز، شاهه جا سورما، شاهه جو عاشقاڻو شعر،
شاهه جو ناصحاڻو شعر، شاهه جو تمثيلي شعر، شاهه جو طبيعي شعر، شاهه جو رزمي شعر، شاهه جون تشبيهون، ويدانت ۽ تصوف- وغيره عنوان شامل آهن.
مقالات الشعراءَ: هيءُ ڪتاب شاهه عبداللطيف جي وصال کان 9 سال پوءِ 1174هه/ 1761ع ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي فارسي ٻوليءَ ۾ تاليف ڪيو، جنهن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مختصر احوال درج ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو
پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي تصحيح ۽ حاشييءَ سان سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1957ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
Shah Latif of Bhit: هي ڊبل ڪرائون جي 142 صفحن تي مشتمل ڪتاب، ڊائريڪٽر انفرميشن، اولهه پاڪستان، حيدرآباد، اسماعيل
ايس خوجه، جولاءِ 1962ع ۾ ڀٽائيءَ جي 210هين عرس تي ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو چيف ايڊيٽر: اسماعيل ايس خوجه، مرتب (Compiler & Editor) ڪريم بخش خالد ۽ آرٽسٽ: ظفر ڪاظمي آهي.
مهاڳ (Foreword) ۾ خوجه صاحب لکيو آهي ته 1953ع کان وٺي ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن، شاهه جي عرسن جي موقعي تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾- شاهه عبداللطيف ڀٽائي، نذِر لطيف، يادِ لطيف، تحفهء لطيف، بحرِ لطيف، نغماتِ لطيف ۽ ‘Poet Laureate of Sindhi’ ڇپايا آهن، جن مان نذرِ لطيف، تحفه لطيف ۽ نغمات لطيف اردوءَ ۾، جڏهن ته ‘Poet Laureate of Sindhi’ شاهه لطيف تي 1940ع کان وٺي پهريون ڪتاب آهي... مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب مقصد جي حاصلات لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو.”
هي ڪتاب ڊبل ڪرائون جي 142 صفحن تي مشتمل آهي.
تحفة الڪرام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب شاهه صاحب جي وفات کان 16 سال پوءِ مير علي شير قانع ٺٽوي 1181هه/ 1767ع ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ تاليف ڪيو هو، جنهن ۾ بزرگن ۽ اوليائن جي ذڪر سان گڏوگڏ شاهه صاحب جو به مختصر احوال ڏنل آهي، جيڪو ‘مقالات الشعراءَ’ کان ڪجهه قدر سوايو آهي. هن ڪتاب جو فارسي نسخو پير حسام الدين شاهه راشديءَ ايڊٽ ڪري 1971ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان شايع ڪرايو.
هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو، جيڪو پڻ 1971ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو.
بعد ۾ هن تاريخي ڪتاب جا سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ شايع ڪري پڌرا ڪيا آهن.
پنج گنج (ڪتاب): هيءُ ڪتاب صوفي شاعر فقير قادربخش ‘بيدل’ زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ فارسيءَ ۾ لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو فقير صوفي سبحان بخش ڪيو آهي ۽ اُن جو پهريون ڇاپو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه 1977ع ۾ شايع ڪرايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو، 2009ع ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ پڌرو ڪيو آهي.
هن تاريخي ڪتاب ۾ بيدل فقير قرآن پاڪ جون آيتون، نبوي حديثون، مثنوي مولانا روم مان شعر، شاهه لطيف جا بيت ۽ صوفين جون حڪايتون درج ڪيون آهن ۽ انهن ۾ مماثلت ڏيکاري، روحاني مسئلن ۽ حقيقتن کي سمجهايو آهي. ‘پنج گنج ’ سنڌ جي صوفياڻي ادب ۽ خاص ڪري لطيفيات جي باب ۾ هڪ خاطر خواهه اضافو آهي.
• هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ، 2000ع ۾ شايع ڪيو آهي.
شاهه سچل سامي (ڪتاب): ترقي پسند اديب اي. جي. اتم جو ترتيب ڏنل ڪرائون سائيز جو هي ڪتابڙو، هيٺين ليکڪن جي مضمونن جو مجموعو آهي:
(1) شاهه ۽ سنڌي (ڪلياڻ آڏواڻي)
(2) شاهه، سچل، سامي (اي. جي. اتم)
(3) سچل سنڌي [سچل ۽ سنڌيت]: (پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻي)
(4) شاهه جي عظمت (ايڇ ٽي سورلي)
(5) ساميءَ جا سلوڪ (قريشي حامد علي)
(6) شاهه تي تنقيد (موهن گيهاڻي)
(7) ساميءَ جو ڪلام (مولانا غلام محمد گرامي)
(8) حق پرست سچل (تيرٿ وسنت)
(9) شاهه جو ڪلام (پير حسام الدين شاهه راشدي)
(10) شاهه جي ٻولي [ڀاشا وگيان]: (ليلو رچنداڻي)
هي ڪتاب ترتيب ڏئي، اي. جي. اتم، نئين دنيا پبلشرس، بمبئيءَ پاران اُن جو پهريون ايڊيشن 1982ع ۾ پڌرو ڪيو هو.
هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻي جي نظام عباسيءَ 1984ع ۾ ڇپايو.
84 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 7 روپيا آهي.
ٽي عظيم شاعر (ڪتاب): دنيا جي ٽن عظيم شاعرن: شاهه لطيف، ڪوي ڪاليداس ۽ وليم شيڪسپيئر جي فن ۽ فڪر تي لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ هندستان جو نامور اديب هولارام هنس آهي. ڪتاب ۾ ٽنهي عظيم شاعرن جي فڪر، مقصد ۽ سندن ڪلام جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو بيسٽ سنڌي سڀا، بمبئي، 1991ع ۾ شايع ڪيو، جڏهن ته سنڌ ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، فبروري 1996ع ۾ ان جو ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. 213 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 70 روپيا آهي.
مخاديم کهڙا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مخدوم الله بخش ’عاصي‘ 1952ع ۾ فارسيءَ ۾ تصنيف ڪيو. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جو ذڪر موجود آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مخدوم غلام احمد پٽ مخدوم امير احمد سنه 1990ع ۾ ڪيو، جيڪو سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي.
معيار سالڪان طريقت: مير علي شير قانع [1787ع]: هن ڪتاب جي خاتمي واري باب ۾ 1760 بزرگن ۽ مشائخن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به شامل آهي. هن ڪتاب جو ترجمو شيخ محمد حسن يحيٰ القريشي ٿريچاڻويءَ ڪيو ۽ اهو مخدوم سليم الله صديقيءَ جي مقدمي سان سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، 2010ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
سڪڻ سيکاريوم (ڪتاب): هي ڪتاب، قومي ڪارڪن چاچي محمد علي لغاريءَ لکيو آهي. سندس وڏي فرزند انور لغاريءَ ڪتاب جي ارپنا پنهنجي ڏاڏي گلڻ لغاري ۽ ڏاڏيءَ سعيده جي نالي ڪئي، جن سڄي زندگي اولاد کي پورهيي ڪرڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي تعليم ڏني.
هي ڪتاب محمد علي لغاريءَ جي مطالعي جو نچوڙ آهي. ڪتاب جا عنوان هن ريت آهن: تعارف شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عبدالڪريم (بلڙي)، صوفي شاهه عنايت، لطيف سائينءَ جو تازو سنڌ جو دورو، مچ ڪچهري، سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ جشن لطيف، هڪ اُستاد ۽ شاعر جي حُجت، شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جا ڪجهه اهڃاڻ، سنڌ جي ٻڪرار جي الله سان دوستيءَ جي حُجت، عشق سلامت- عشق جو دونهون!
ڊيمي سائيز جي 110 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، دي سنڌ اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ 2014ع ۾ ڇپايو آهي. ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.
لطيفي لهرون (ڪتاب): هي پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي مختلف مضمونن جو ڳٽڪو آهي، جنهن کي پروفيسر غلام رسول بلوچ مرتب ڪيو ۽ سنڌي ادبي مجلس سٽي ڪاليج حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب تي ڇپائيءَ جو سال لکيل نه آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ غلام رسول بلوچ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جا هيٺيان مضمون شامل آهن: (1) توحيد،
(2) سپرين، (3) نفس، (4) ڪارايل، (5) تقويٰ، (6) گندي ۽ گراهه،
(7) مسلماني، ۽ (8) اخلاق ۽ ڪردار.
هن ڪتاب جا ڪل 87 صفحا آهن، جن ۾ پويان ٻه صفحا ڀلنامي طور ڏنل آهن. ڪچي جلد ۾ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي.
زندگيءَ جو سفر (ڪتاب): هيءَ ڪتاب نامياري سياستدان ۽ ليکڪ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو انتساب استاد هادي حسن جي نالي ٿيل آهي. مهاڳ ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊائريڪٽر شاهه لطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ لکيو آهي. مقدمو ‘احوال واقعي’ جي عنوان سان عبدالغفور ڀرڳڙيءَ خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان موضوع ڏنل آهن:
(1) مولانا روم، (2) شاهه عبداللطيف ڀٽائي، (3) رومي، شاهه ۽ اقبال جو لاڳاپو، (4) اسلامي تصوف جو اصل، (5) انسان ۽ عشق،
(6) عشق رسول صلي الله عليه وسلم،
(7) تصوف جو بنياد ۽ ڪي مسلم صوفي، (8) وحدت وجود ۽ وحدت الشهود، (9) توڪل ۽ تقدير، (10) سماع، رقص ۽ شاعري، (11) مرد خدا ۽ رياڪار رهبر، (12) وطن، وطنيت ۽ قوميت. پڪي جلد سان ڪتاب جا ڪل 364 صفحا آهن. ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپايو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاهه، سچل ۽ خليفو قاسم (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري اديب محمد حسين ڪاشف جو سنڌ جي ٽن اهم شاعرن متعلق مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هنن ٽنهي شاعرن: شاهه، سچل ۽ خليفي نبي بخش قاسم جي شاعريءَ جي مختلف رخن تي عالماڻه روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب ٻوليءَ توڙي مضمون ۽ ترتيب جي حوالي سان ڪارائتو آهي. ڊيمي سائيز جي 204 صفحن واري رنگين ٽائيٽل وارو هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو